خالي بوتلون

خالي بوتلون

خالي بوتلون

خالي بوتلون (ڪتاب): مشهور اديب ۽ ڪالم نگار عمر قاضيءَ جي مضمونن ۽ ڪالمن تي مشتمل هي ڪتاب مشهور فوٽو گرافر نور محمد خوجي کي ارپيل آهي، ڪتاب جو مهاڳ به ان جو ئي لکيل آهي. سندس ڪالمن مان ڪن مکيه ڪالمن جا عنوان هن ريت آهي: ’ڪجل يا ڪالم‘، ’اي اديبو شاعرو دانشورو‘، ’خالي بوتلون‘، ’دل جي دربار ۽ هڪ گيتن جون لهرون‘، ’رک مان پوڪي اٿندڙ ڀٽو‘، ’خسرو جي خواب جهڙي مناحل سونارا ساحل‘، ’ذات، ڏات ۽ سنڌ جو نئون نسل‘، ’سچل ۽ زلفي جانان جي خوشبو‘، ’اداس رهڻ جي عادت‘، ’مائون ۽ محبوبائون‘، ’حسن عشق ۽ ادب ميران مٽ نه ڪا‘، ’گوري سو وي سيج پر‘، ’ڪيٽيءَ جي گونج‘، ’تاريخ ڳالهائي ٿي‘ ۽ ’برو هو ڀنڀور‘ وغيره.
ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان 288 صفحن جو هي ڪتاب نئون دنبالو اڪيڊمي، ڪراچيءَ آگسٽ 2013ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 300 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو